صلاح المتعلمين قلمي نسخو

صلاح المتعلمين (قلمي نسخو): هي فارسي ٻولي ۾ لکيل ڪتاب انشا بابت آهي، جنهن جي مصنف جي خبر نه آهي. انشاء پردازي بابت نهايت جامع ڪتاب آهي. نسخي جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي؛ ”هو الڪريم رب يسر بسم الله الرحمان الرحيم تمم بالخير ثناه ڪه در عدد... الخ“ ۽ پڄاڻي هن طرح ٿئي ٿي: ”... احصر العباد مسڪين باغ علي“ 46 صفحن تي مشتمل هن نسخي جي هر صفحي تي 14 سٽون تحرير ٿيل آهن. ڪتاب نستعليق خط ۾ ڪتابت ٿيل آهي. ڪاتب باغ علي آهي هن اهو نسخو 1271هه/1874ع ۾ مڪمل ڪيو هو. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخي ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو